سنڌ هائيڪورٽ پاران بحريا ٽائون انتظاميه خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: بحريا ٽائون انتظاميه پاران مقامي ڳوٺاڻن جا گھر ڊاھڻ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن تي عدالت پاران ڌرين جا بيان رڪارڊ ڪري بحريا ٽائون انتظاميه خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. عدالت بحريا ٽائون انتظاميه خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڌرين جا بيان رڪارڊ ڪرڻ بابت ٻن ڏينھن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت پاران ٻن ڏينھن اندر رپورٽ ايم آئي ٽي (ميمبر انسپيڪشن ٽيم) وٽ جمع ڪرائڻ جي به ھدايت ڪئي وئي. عدالت چيو ته بحريا ٽائون انتظاميه خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ جي صورت ۾ لاڳاپايل ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڳوٺ جمعو خان جي رھواسي امير علي پاران 2016 ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي ھئي، جنهن ۾ هن چيو هو ته بحريا ٽائون انتظاميه گھر ڊاھي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو، بحريا انتظاميه پاران گھر خالي ڪرڻ لاءِ اسان جي ٻارن ۽ عورتن کي حراسان ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔