پي ٽي آئي ميمبرز دهل دمامن سان سنڌ اسيمبلي پهتا، اسپيڪر جا داٻا

ڪراچي: پي ٽي آءِ جا ميمبر دهل دمامن سان گڏ سنڌ اسيمبلي پهچي ويا، پابندي مڙهيل ايم پي ايز کي هار پارائي اسيمبلي آندو ويو.مک در تي پوليس ۽ اسيمبلي جي عملي دهل شرنائين وارن کي روڪي ورتو. گيٽ تي گوڙ ۽ تلاشي بعد پي ٽي آئي ايم پي ايز کي اندر اچڻ ڏنو ويو. سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر سراج دراني پي ٽي آءِ ميمبرن کي مخاطب ٿي چيو ته ڪالھ اجلاس جي توهين ڪئي وئي گهٽيا حرڪت ڪئي وئي،ايوان جي بي حرمتي ڪئي وئي، سڄي دنيا ڏٺو، هي معزز ايوان آهي. هن چيو ته مون انڪوائري ڪئي آهي، وڊيوز موجود آهي، اسيمبلي عملي کي گاريون ڏنيون ويون، ڌمڪيون ڏنيون، لتون هنيون ويون، عورت ايم پي ايز به عملي سان وڙهيون، ٽيهن سالن ۾ مون اهڙو ماحول نه ڏٺو، آئون هائوس جو ڪسٽوڊين آهيان. پابندي مڙهيل ايم پي ايز اجلاس ۾ نه ويهي سگهندا، رات هڪڙو ڪوڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، منهنجي صحي به استعمال ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔