حريم شاهه سان شادي ڪرڻ کان بهتر آهي ته آپگهات ڪري ڇڏيان: تيمور ٽالپر

ڪراچي: صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر حريم شاهه سان شادي وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته حريم شاهه سان شادي ڪرڻ کان بهتر آهي ته آپگهات ڪري ڇڏيان، صوبائي وزير کان سوال پڇيو ويو ته ڇا توهان رولڪيس واچ پائيندا آهيو ۽ هي جنهن وزير جي آهي حريم شاهه ان وزير سان شادي ڪئي آهي، تيمور ٽالپر چيو ته روليڪس سان وزير جي سڃاڻپ نه ڪيو، منهنجو خيال آهي ته هي خبر بي بنياد آهي، پوري خبر حريم شاهه جي پنهنجي ٻڌايل آهي، هن وڌيڪ چيو ته پوري پارٽي ان کي ڳولي رهي آهي جنهن حريم سان شادي ڪئي هجي، جڏهن اسان کي خبر ناهي ته ڪنهن وزير سان شادي ڪئي آهي ته پوءِ هي خبر ڪوڙ تي ٻڌل آهي، حريم شاهه ڪافي عرصي کان گم هئي، هاڻي هن جي دماغ ۾ پبلسٽي حاصل ڪرڻ لاءِ هي آئيڊيا آيو هوندو ۽ هي ٽوٽل حريم شاهه جي پبلسٽي اسٽنٽ آهي، هن خبر کي قومي خبر بڻائي پيش ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔