حريم شاهه معاملو: افيئر پيج واري پي ٽي آءِ وارن کان پيسا وٺي پروپيگنڊا ڪئي: ايم پي اي ذوالفقار شاهه

ڪراچي: ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جي شادي وارو معاملو اڄ به سنڌ اسيمبلي ۾ ذڪر هيٺ آيو. ميرپورخاص مان چونڊيل پ پ ايم پي اي ذوالفقار شاه ڳالهائيندي چيو ته مون حريم شاھ سان شادي ناهي ڪئي، منهنجي خلاف ڪوڙي پروپئگنڊا پئي ڪئي وڃي، هن چيو ته مون پي ٽي آءِ وارن کي گڏهه چيو، هنن اها وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، ان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي افيئر پيج جي علي رند پي ٽي آءِ وارن کان پيسا وٺي منهنجي خلاف پروپيگنڊا ڪئي، آئون ان جي مذمت ڪيان ٿو، ان معاملي تي آئون استحقاق جي رٿ به آڻيندس ۽ سائبر ڪرائيم ۾ درخواست داخل ڪرائيندس. جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني کيس چيو ته شادي ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي اگر ڪرين ته اسان کي دعوت ضرور ڏجانءِ.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔