پِـِن سِن تي ماڻهو آڻي حڪومت هلائي پئي وڃي: آصف زرداري

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آھي تھ حڪومت آھي ئي نھ تھ ويندي ڪيڏانھن، اڳوڻو صدر آصف زرداري قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ موجود آھي، آصف زرداري ايوان ۾ پهتو ته پ پ ميمبرز ڊيسڪ وڄائي سندس آجيان ڪئي، والد سان گڏ پارليامينٽ پهتل آصفه ڀٽو زرداري به مهمانن جي گئلري ۾ موجود، اڳوڻي صدر آصف زرداري صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته حڪومت آهي ڪٿي جو ويندي ڪيئن؟ پِـِن سِن تي ماڻهو آڻي حڪومت هلائي پئي وڃي، افغانستان جي صورتحال خطرناڪ آهي، اُن جا اثر پاڪستان تي پئجي سگهن ٿا، افغانستان جي صورتحال تي نظر رکڻدي پوندي، افغانستان ۽ اسرائيل سوڌو هر مسئلي تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، ھن چيو تھ حڪومت آئي ئي نھ تھ ويندي ڪيڏانھن، ملڪ ۾ حڪومت ڪونھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔