سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 13 مريض فوت، 545 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 545 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته 13 مريض فوت ٿيا، اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ 5440 ٿي ويو آهي. اڄ وبا مان 558 مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتياب ٿيندڙن جو انگ 312337 تي پهچي چڪو آهي. هن وقت 19258 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 18601 مريضن جو گهر ۾ علاج هلندڙ آهي ۽ 61 مريض آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 596 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. ڪورونا کان متاثر 538 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 51 مريض وينٽيليٽر تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔