سنڌ اسيمبلي جي گيٽ اڳيان اپوزيشن ميمبرز جو ھنگامو، ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا

ڪراچي: پي ٽي آءِ جا پابندي پيل ميمبرز هار پائي دهل دمامن سان سنڌ اسيمبلي ٻاهران پهچي ويا، ايوان جي گيٽ آڏو هنگامو، تالا ٽوڙڻ ۽ گيٽ مٿان چڙهڻ جي ڪوشش دوران سيڪيورٽي عملدارن ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز ۾ منهن ماري، پوليس ۽ اسيمبلي جي عملي دهل شرنائي وارن کي روڪي ورتو، پي ٽي آءِ ميمبرز جي نعريبازي، اسپيڪر آغا سراج دُراني چيو آهي ته گذريل ڏينهن اسيمبلي ۾ ڪِريل حرڪت ڪئي وئي، سڄي دنيا ايوان جي بحرمتي کي ڏٺو، اسيمبلي جي عملي کي گارگند ڪرڻ سان گڏ تشدد به ڪيو ويو، معاملي جي جاچ ڪئي وئي آهي ۽ وڊيوز به موجود آهي، پابندي لڳل ميمبرز اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔