ميهڙ ۾ ارڙي جي وباٸي صورت اختيار ڪري وئي، معصوم نينگر فوت

ميهڙ : ميهڙ ۾ ارڙي جي وبا تيزي سان پکڙجي رھي آھي، ميھڙ جي وحدت ڪالوني ۾ ارڙي وگهي ٻن ورهين جو آزاد سولنگي پٽ اعظم سولنگي فوت ٿي ويو آھي، سندس ئي خاندان جا وڌيڪ ٻه ٻارڙا 4 سالا ساجد سولنگي، 6 سالا دعا سولنگي ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويون آھن، جنھن جون زندگيون خطري ۾ آھن.
معصوم ٻارن جي وارثن صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته 5 ڏينهن اڳ ٻارڙي آزاد سولنگي کي سول اسپتال ميهڙ کڻائي آياسين، جتي دوائن جي کوٽ سبب اسان کي تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر سندس جي خانگي اسپتال کڻائي ھلڻ جو چيو جنهن ٻارڙن کي داخل ڪري هزارين روپيه خرچ ڪيو پئسا ختم ٿي ويا ته لاعلاج ڪري ڇڏيو ته ننڍڙو فوت ٿيڻ کان بعد به ڊاڪٽر ڪمري جي مسواڙ جا ٻه هزار روپيـه به نه بخشيا.
هوڏانهن ٻارن جي وارثن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته تعلقه اسپتال ۾ اعلاج جون سهولتون ڏئي ۽ دوائن جي کوٽ ختم ڪري ارڙي خلاف قدم کڻي ٻارن جون زندگيون بچايون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔