آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت کان گڏيل عرب امارتن ۾ منتقل

نئين دهلي : هلندڙ سال ڀارت ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪورونا وائرس سبب گڏيل عرب امارتن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه سارو گنگولي تصديق ڪئي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دبئي منتقل ڪيو ويو آهي، بي سي سي آءِ ان حوالي سان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، اسان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني گڏيل عرب امارتن ۾ ڪنداسين.
بي سي سي آءِ جي نائب صدر راجيو شڪلا جو چوڻ هو ته ايونٽ جا ڪواليفائر عمان ۾ ڪرائي سگهجن ٿا، جڏهن ته باقي ميچون گڏيل عرب امارتن جي ٽن هنڌن ابوظهبي، شارجا ۽ دبئي ۾ ٿينديون.
واضح رهي ته ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان صورتحال خراب آهي، جنهن سبب انڊين پريميئر ليگ کي پڻ ملتوي ڪري گڏيل عرب امارتن ۾ منتقل ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔