ايران 7 هزار ڪلو ميٽرن تائين اڏام ڪندڙ ڊرون ٺاهي ورتو

تهران : ايراني پاسداران انقلاب هڪ اهڙو ڊرون جهاز ٺاهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جيڪو 7 هزار ڪلو ميٽرن تائين سفر ڪري سگهي ٿو.
سرڪاري ٽي وي تي نشر ٿيندڙ پنهنجي تقرير ۾ جنرل حسين سليماني اها دعويٰ ڪئي پر هن ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا.
نئين ڊورن سان ايران ساڍا 3 هزار ڪلو ميٽر پري تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکندڙ ٿي ويندو، ان کان اڳ ايران جو ”غزا“ نالي ڊرون ٻه هزار ڪلو ميٽرن جي اندر اندر هدف کي نشانو بڻائيندو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔