قومي اسيمبلي: رانا تنوير ۽ علي امين گنڊاپور ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ نواز ليگ اڳواڻ رانا تنوير ۽ مملڪتي وزير علي امين گنڊاپور وچ ۾ سخت جُملن جي ڏي وٺ، علي امين گنڊاپور نواز ليگ اڳواڻ جي تقرير دوران مداخلت ڪندي چيو ته تون مون کي نٿو سڃاڻين، راڻا تنوير چيو ته توکي سڃاڻان ٿو، تون اهڙو وزير آهين، جنهن جي بوتل مان ڪاري ماکي نڪرندي آهي، علي امين گنڊاپور اڌ ڪشمير وڪڻي ڇڏيو، اسپيڪر اسد قيصر نواز ليگ اڳواڻ ۽ مملڪتي وزير کي خاموش ڪرائي ڇڏيو، جڏھن تھ قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران وزيراعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ جي بيان تي اپوزيشن جو گوڙ، بابر اعواڻ اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سڀ چٻرا لنڊن ۾ ويٺا آهن، پاڪستان ۾ ڪنهن ٽاريءَ تي چٻري کي ويهارڻ جي گنجائش ناهي، اسان سمجهو اپوزيشن ڪٽوتي جي رٿن تي ڳالهائيندي، پر ايوان ۾ رڳو اقتدار تائين شارٽ ڪٽ تي ڳالهيون ٿيون، اپوزيشن ڪٽوتي جون رٿون پيش ڪيون يا گرينڊ اين آر او لاءِ درخواست هئي، حڪومت گرينڊ اين آر او ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔