وڪيل کي ڪتن جي ڏاڙھڻ واري واقعي کانپوءِ مالڪن جا نالا اي سي ايل ۾ وجھڻ لاءِ پوليس متحرڪ

ڪراچي: پوش علائقي ڊفينس ۾ سينيئر وڪيل کي ڪتن جي ڏاڙھڻ جي واقعي کانپوءِ پالتو ڪتن جي مالڪن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ پوليس وفاقي تحقيقاتي ايجنسي (ايف آءِ اي) اميگريشن کي خط لکي ڇڏيو. پوليس موجب اي سي ايل ۾ نالا وجھڻ جي درخواست انھيءَ ڪري ڏني وئي تھ ضمانت کان اڳ گرفتاري رد ٿيڻ تي ڪتن جا مالڪ ھمايون علي خان ۽ پٽ دانيال علي ملڪ مان فرار نھ وڃن. انھيءَ سلسلي ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن ڏکڻ مرزا محمد عمران ايف آءِ اي اميگريشن کي آگاھھ ڪري ڇڏيو آھي ۽ خط ۾ چيو آھي تھ انھن ٻنھي مجرمن جا نالا گھرو وزارت جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا وڃن. خيال رھي تھ عدالت ڊفينس ۾ سينيئر وڪيل مرزا علي اختر تي حملي ڪرڻ واري پالتو ڪتن جي مالڪ جي درخواست ضمانت رد ڪندي ملزم کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي. واضح رھي تھ ڪجھھ ڏينھن اڳ ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ ھمايون خان جي پالتو ڪتن جي سينيئر وڪيل مرزا اختر علي کي چڪي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ھو. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج بھ منظر عام تي آئي ھئي جنھن ۾ ٻن ڪتن کي وڪيل تي حملو ڪندي ڏٺو ويو ھو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔