پنجاب اسيمبلي مان26 کرب 53 ارب روپين جي بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور

لاهور: پنجاب اسيمبلي ايندڙ مالي سال جو 26 کرب 53 ارب روپين جو بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. پنجاب اسيمبلي ۾ ناڻي واري وزير هاشم جوان بخت فنانس بل پيش ڪيو جيڪو اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

بجيٽ پيش ڪرڻ دوران ايوان ۾ ڇاپن ۽ ليگي ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف ميمبرن سخت نعريبازي ڪئي. ان دوران مسلم ليگ(ن) جي توفيق بٽ چيو ته گوجرانوالا ۾ پوليس ليگي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻي رهي آهي ۽ گرفتاريون به ڪيون ويون آهن.

توفيق بٽ جي بيان تي اسپيڪر قانون واري وزير کي هي معاملو ڏسڻ جي هدايت ڪئي. بجيٽ جي منظوري وقت وڏو وزير به ايوان ۾ موجود رهيو ۽ ايجنڊا مڪمل ٿيڻ تي اجلاس 28 جون ٻنپهرن جو 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔