سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قيادت جي ضمانت ۾ 15 جولائي تائين واڌ

ڪراچي: سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قيادت جي ضمانت ۾15 جولائي تائين واڌ ڪئي وئي، ڪراچي جي دهشتگردي انت واري عدالت بحريا ٽائون حملي ڪيس ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قيادت جي ضمانت ۾ 15 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي ، ان موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪنداسين پر پنهنجي مقصد تان ڪونه هٽنداسين. سندس چوڻ هو ته جيسيتائين بحريا ٽائون سميت مختلف ميگا پراجيڪٽس سنڌ جي زمين تي والار بند نہ ٿا ڪن تحريڪ جاري رهندي ۽ وڌيڪ تيز ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔