افغان صدر اشرف غني ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن ۾ اھم ملاقات

واشنگٽن : امريڪي دوري تي پهتل افغان صدر اشرف غني جي وائيٽ هائوس ۾ امريڪي صدر جوبائيڊن سان ملاقات، امريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته افعانستان مان امريڪي فوج جي واپسي باوجود فوجي ۽ اقتصادي سهڪار ختم نه ٿيندو، افغانستان جو مستقبل افغانين جي هٿن ۾ آهي، بيحسي تي ٻڌل تشدد جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي، افغان صدر اشرف غني چيو آهي ته امريڪا طرفان افغانستان کي سندن حال تي ڇڏڻ وارو بيانيو غلط آهي، ڪابل تي طالبان جي قبضي جون اڳڪٿيون پهرين به غلط ثابت ٿيون، اتحاد، هم آهنگي ۽ قومي مفادن ۾ قربانين لاءِ تيار آهيون، ٻطرفن مفادن لاءِ امريڪا سان نئين جامع پارٽنرشپ جي شروعات ٿي رهي آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔