پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف گري لسٽ ۾ رکڻ جي ڪابه گنجائش ناهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رهڻ ۽ رکڻ جي ڪابه گنجائش نه آهي.

فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف اي ٽي ايف) طرفان پاڪستان کي لاڳيتو گري لسٽ ۾ رکڻ جي فيصلي تي پنهنجي رد عمل ۾ مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڏسڻو پوندو ته ايف اي ٽي ايف هڪ ٽيڪنيڪي فورم يا پوليٽيڪل؟ ڏسڻو پوندو ته هن فورم کي سياسي مقصد جي لاءِ ته استعمال نه پيو ڪيو وڃي. جيستائين ٽيڪينڪي معاملن جو تعلق آهي ته اسان کي 27 نڪتا ڏنا ويا. هو پاڻ مڃي رهيا آهن ته 27 مان 26 نڪتن تي اسان مڪمل عمل ڪيو آهي. ستاويهين نڪتي تي به ڪافي حد تائين اڳڀرائي ٿي چڪي آهي ۽ وڌيڪ ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا. منهنجي نظر ۾ اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رهڻ ۽ رکڻ جي ڪابه گنجائش نٿي بڻجي.

پرڏيهي وزير چيو ته مان اهو به واضح ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته اسان جيڪي به قدم کنيا اهي پنهنجي مفاد کي نظر ۾ رکندي کنيا. اسان جو مفاد اهو آهي ته مني لانڊرنگ نه ٿيڻ گهرجي. جيڪا ڳالهه پاڪستان جي مفاد ۾ هجي اسان اها ڪندا رهنداسين.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڪجهه طاقتون چاهين ٿيون ته پاڪستان جي مٿان تلوار لٽڪندي رهي. منهنجي نظر ۾ اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رهڻ ۽ رکڻ جي ڪابه گنجائش نٿي بڻجي. واضح رهي ته فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف اي ٽي ايف) طرفان پاڪستان کي 27 نڪتن تي عمل ڪرڻو هو جنهن مان پاڪستان طرفان هڪ تي عمل ڪرڻ رهجي ويو هو. پر ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔