ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 36 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 36 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جڏهن ته 935 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن موجب گذريل ڏينهن سموري ملڪ ۾ ڪورونا جا 4 هزار 842 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 935 ڄڻن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. اهڙي طرح ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 1.99 سيڪڙو رهي. ملڪ ۾ ڪورونا جي گڏيل هاڪاري ڪيسز جو انگ 9 لک 53 هزار 842 ٿي ويو آهي جن مان 8 لک 98 هزار 944 ڄڻا ڪورونا مان صحتياب ٿي چڪا آهن.

گذريل ڏينهن سموري ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 36 گڏيل مريض حياتيون وڃائي ويٺا. اهڙي طرح هينئر تائين ملڪ ۾ هن وبا سبب فوت ٿي ويل گڏيل مريضن جو انگ 22 هزار 188 ٿي ويو آهي. سموري ملڪ ۾ هن وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن گڏيل انگ 22 هزار 188 ٿي ويو آهي.

سموري ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا جا 32 هزار 710 فعال مريض پنهنجي گهرن، ڪورونا سينٽرز يا اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن جن مان هڪ هزار 995 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔