آمريڪا ايراني حڪومت سان جڙيل ڪيتريون ئي ويب سائيٽون بند ڪري ڇڏيون

واشنگٽن : آمريڪا جي انصاف واري کاتي ايراني حڪومت سان جڙيل ڪيترين ئي خابرو ادارن جي ويب سائيٽن کي بند ڪري ڇڏيو آهي.
غلط ڄاڻ پکيڙڻ جي الزام ۾ جن ويب سائيٽن کي بند ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ايران جا سرڪاري نشرياتي ادارا پريس ٽي وي ۽ ايراني عربي نيوز سروس العالم جي ويب سائيٽ به شامل آهن.
ان ڪارروائي تحت يمن ۾ حوثي باغين سان سلهاڙيل ويب سائيٽ المصيره کي به بند ڪيو ويو آهي.
اهڙي ڪارروائي جي ڪجهه دير کانپوءِ ئي انهن مان ڪيترين ئي ويب سائيٽن ڊومين ايڊريس جي تبديلي سان ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
هوڏانهن ايران اهڙي آمريڪي قدم کي اظهار جي آزادي دٻائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔