بابر اعظم ٽاپ 10 ٽيسٽ بيٽسمينن جي فهرست مان ٻاهر

دبئي : انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل رانديگرن جي ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي ۽ بابر اعظم ٽاپ 10 بيٽسمينن کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
بيٽسمينن ۾ ڏکڻ آفريقا جي ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي پوئتي ڌڪيندي ڏهون نمبر ماڻيو آهي، جڏهن ته بابر اعظم 11هين نمبر تي هليو ويو آهي.
بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو اسٽيون سمٿ پهرئين، نيوزيلينڊ جو ڪين وليمسن ٻئين، آسٽريليا جو مارنس لبوشين ٽئين، ڀارت جو ويرات ڪوهلي چوٿين ۽ انگلينڊ جو جو روٽ پنجين نمبر تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔