سمهڻ وقت موسيقي ٻڌڻ وارا هوشيار، ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

لنڊن: عام طور اڄ ڪلهه جو نوجوان گانا گهڻا ٻڌندو آهي ۽ سمهڻ کان اڳ به گانا ٻڌي پوءِ سمهي پوندو آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي اِهو عمل ڪيترو نقصان ڏيندو آهي.
ننڊ جي حوالي سان محقق مائيڪل سيڪولين جيڪو بيلور يونيورسٽي ۾ سائڪالاجي ۽ نيورو سائنس جو ايسوسي ايٽ پروفيسر آهي، هن اِهو محسوس ڪيو ته هو اڌ رات جو پنهنجي دماغ ۾ ڪنهن گاني جا ٻول ٻڌي جاتي پوندو آهي، پوءِ هن ان کي پنهنجي تحقيق جو حصو بڻائڻ جو فيصلوڪيو ته موسيقي خاص ڪري سونگ اسٽڪ ڪهڙي طرح ننڊ جي طريقي کي متاثر ڪري ٿي.
هن چيو ته اسان جو دماغ ان وقت به موسيقي کي پروسس ڪري رهيو هوندو آهي جڏهن ڪا موسيقي هلندي به نه هجي، ۽ ائين ننڊ ۾ به ٿيندو آهي.
تحقيق موجب جيڪي ماڻهو سڄو ڏينهن موسيقي ٻڌندا آهن ۽ پوءِ هنڌ سمهڻ وقت به ائين ڪندا ته انهن جي ننڊ متاثر ٿيندي آهي جيڪا صحت لاءِ نقصانڪار آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔