شادي ڪهڙي سال ڪرڻي آهي ان باري ۾ هاڻ سوچيندس: احسن محسن

لاهور: اداڪاره منال خان ۽ اداڪار احسن محسن جي مداحن ۾ اداڪار جوڙي جي شادي جي حوالي سان ڪافي وسوسا هوندا آهن ته هي شوبز جي مشهور جوڙي مڱڻي کان پوءِ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ڪڏهن ٻڌجندي. تازو ئي اداڪار احسن محسن طرفان انسٽاگرام تي Ask me a question جي نالي سان سيشن منعقد ڪيو ويو.سيشن جي دوران احسن سوشل ميڊيا صارفين طرفان ان جي پسند ۽ ناپسند جي حوالي سان جتي مختلف سوال ڪيا ويا اتي ڪجهه صارفين جا سوال احسن ۽ منال جي شادي ۽ پهرين ملاقات جي حوالي سان به هئا؟ هڪ صارف احسن کان پڇيو ته اوهان جي ۽ منال جي پهرين ملاقات ڪٿي ٿي؟ جنهن جي جواب ۾ احسن محسن جواب ڏنو ته اسان جي پهرين ملاقات شوٽ تي ٿي.هڪ ٻئي صارف احسن کان شادي بابت سوال ڪيو ته اوهان شادي 2021 ۾ ڪندو يا 2022 ۾؟ ان جي جواب احسن محسن جو چوڻ هو ته مان اڃان سوچيندس ته مون کي شادي 2021 ۾ ڪرڻي آهي يا 2022ع ۾.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔