انسٽا گرام تي شاپنگ جي حوالي سان اهم اعلان

لنڊن: سماجي رابطن جي مشهور ترين ايپ فيس بڪ پنهنجي ملڪيت ڪمپني انسٽاگرام تي شاپنگ جي حوالي سان هڪ اهم فيچر جو اعلان ڪيو آهي.ڪمپني طرفان لکيل تازي بلاگ پوسٽ ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته فيس بڪ اسنٽاگرام تي شاپنگ جي لاءِ ويزول سرچ شامل ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪري رهي آهي. ويزول سرچ جي مدد سان صارفين انسٽاگرام تي آگمينٽڊ ريئلٽي استعمال ڪندي لاڳاپيل شيون ڳولي سگهندا. بلاگ پوسٽ ۾ فيس بڪ جو چوڻ آهي ته ڪمپني آگمينٽڊ ۽ آرٽِيفيشيل انٽيليجنس تي سرمائيڪاري ڪري رهي آهي. جيڪا مستقبل ۾ آن لائن شاپنگ جي لاءِ اسان جي بنياد ثابت ٿيندي.ٽيڪنالاجي رپورٽ موجب هن نئين ٽول جي مدد سان خريدار شاپنگ جي لاءِ نيون شيون ڳولا ڪري سگهندا. جڏهن ته آگمينٽڊ ريئلٽي خريدار کي شاپنگ کان اڳ ان شين جو تصور فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. انسٽاگرام تي شاپنگ جي شروعات بصري ڳولا کان شروع ٿيندي آهي. صاف ايپ جي ذريعي اسڪرول ڪرڻ آهي ۽ ڪنهن پراڊڪٽ سان متاثر ٿيڻ کان پوءِ تهمب اسٽوپنگ کي استعمال ڪرڻ آهي پر هاڻ انسٽاگرام مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪندي سال جي آخر تائين ويزول سرچ فيچر جي آزمائش ڪندو هن فيچر جو استعمال ڪندي صارفين پليٽ فارم تي هڪ پراڊڪٽ سان ملندڙ جلندڙ ٻين پراڊڪٽس جو تجربو به ڪري سگهندا.مثال جي طور تي ڪنهن ڪپڙن کي فلورل پرنٽ ۾ ڏسڻ جي خواهش رکندڙ صارفين هڪ ڀيرو ان شين جي چوڻ کان پوءِ نه صرف ان ڪپڙن جو فلورل پرنٽس جو تجربو ب ڪري سگهندا پر ويزول سرچ جي دوران پنهنجي ڪيمرا مان تصوير به وٺي سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔