فيس بُڪ تي مذاق طور استعمال ٿيندڙ ”HaHa“ ايموجي حرام قرار

انٽرنيٽ تي کل وارو ايموجي (HAHA) استعمال ڪرڻ حرام قرار ڏنو ويو آهي.
فيس بڪ ۽ يوٽيوب تي 22 لک کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ مفتي احمد الله هڪ ويڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هن فيس بڪ تي هاها ايموجي جي استعمال کي حرام قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
احمد الله موجب ماڻهن کي ٻين جي تذليل لاءِ استعمال ڪندا آهن جنهن جي اسلام اجازت نٿو ڏئي. هن ان ڳالهه جي وضاحت ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اِهو ايموجي ڪنهن مزاحيه پوسٽ تي استعمال ڪيو وڃي ۽ ان جو مقصد پوسٽ وجهڻ جو مذاق اڏائڻ ناهي ته پوءِ اِهو جائز آهي پر جيڪڏهن ا ايموجي کي پوسٽ رکندڙ شخص جو مذاق اڏائڻ ۽ تذليل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو ته اِهو اسلام ۾ بلڪل منع ٿيل آهي.
احمد الله چيو ته خدا جي لاءِ آئون سڀني کان درخواست ڪيان ٿو ته ان عمل کان پري رهو، جيڪڏهن توهان ڪنهن مسلمان جي دل ڏکائيندا ته هو توهان سان به بدتميزي ڪري سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔