ڪڊني هل پارڪ ريفرنس: سليم مانڊوي والا تي فرد جرم لاڳو

اسلام آباد: سينيٽ جي اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا تي ڪڊني هل پارڪ ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو، اسلام آباد جي احتساب عدالت اعجاز هارون، عبدالغني مجيد، طارق محمود ۽ عبدالقادر شهواڻي تي به فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران جوابدارن طرفان عدالت اڳيان ڏوهه مڃڻ کان انڪار، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سليم مانڊوي والا چيو آهي ته احتساب عدالت جا چڪر لڳائي لڳائي نيٺ فرد جرم لاڳو ٿي ويو، عدالت غلط فرد جرم لاڳو ڪيو آهي، نيب چيئرمين جي طلبي واري مامري تي پارليامينٽ دٻاءُ ۾آهي، سينيٽ چيئرمين به دٻاءُ ۾ اچي چئي ٿو ته نيب چيئرمين جي طلبي کي ڇڏي ڏيو، موجوده نيب چيئرمين کي ٻيهر عهدي تي آندو ويو ته ملڪي معيشت ويهي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔