جيڪب آباد:ايڪسائزپوليس جي ڪارروائي ،26 ڪلوگرام چرس هٿ،3 جوابدار گرفتار

جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ايڪسائيز پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪري 26 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري 3 جوابدارن کي ٿڏي تي ئي گرفتار ڪري ورتو، تفصيل موجب ايڪسائز پوليس جا اهلڪار جيڪب آباد روڊ تي زرعي ڪاليج ڀرسان ايڪسائز چيڪ پوسٽ تي پنهنجي معمول جي ڊيوٽي ڪري رهيا هئا، چيڪنگ دوران هڪ ٽرڪ نمبر ان اي اِي 900 کي روڪي تلاشي ورتي جنهن دوران 26 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو، پوليس ٽرڪ ۾ سوار 3 جوابدارن محبوب خان، شير محمد ۽ محمد شفيق کي گرفتار ڪري ورتو ۽ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔