لاھور جي علائقي جوھر ٽائون ۾ ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 12 کان وڌيڪ زخمي

لاھور : لاھور جي علائقي جوھر ٽائون ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ڪجھ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جوھر ٽائون ۾ ٿيندڙ ڌماڪو ھڪ گھر ۾ ٿيو، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، ڌماڪي سبب ويجھي عمارتن جا شيشا بھ ٽُٽي پيا ۽ اُتي بيٺل گاڏين کي بھ نقصان پھتو، ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منقتل ڪيو ويو آھي، ذريعن موجب معلوم نھ ٿي سگھيو آھي تھ ڌماڪو ڪھڙي ڊيوائس جي ذريعي ڪيو ويو يا وري گئس پائپ لائن ڌماڪو آھي، سيڪيورٽي فورسز علائقي جو گھيرو ڪري ورتو آھي. جڏھن تھ ڌماڪي سبب ڪيتريون ئي گاڏيون تباھ ٿي ويون. جڏھن تھ سي سي پي او لاھور جو چوڻ آھي تھ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 زخمي فوت ٿي ويا آھن، ڌماڪي جي نوعيت جي باري ۾ ڪجھ نٿو چئي سگھجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔