آمريڪا 20 سالن ۾ افغانستان جي اندر جنگ نه کٽي سگهيو، اڏن سان ڪيئن کٽيندو: وزيراعظم

ڪراچي: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته طاقتور آمريڪا 20 سالن ۾ افغانستان جي اندر کان جنگ نه کٽي سگهي ته پاڪستان ۾ اڏن سان هي ڪيئن ممڪن آهي،؟ ۽ جيڪڏهن امريڪا کي افغانستان جي خلاف اڏا ڏنا ته پاڪستان هڪ ڀيرو وري دهشتگردن جو هدف بڻجي ويندو، امريڪي اخبار ۾ لکيل مضمون ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان عوام جي فيصلي سان ٺهندڙ حڪومت جي تائيد ڪندو، افغانستان ۾ ڪنهن به ڌڙي جي حمايت نٿا ڪيون، ماضي ۾ هڪ ڌڙي جي حمايت سان پاڪستان غلطي ڪئي جيڪا ٻيهر نه ڪئي ويندي، عمران خان پنهنجي مضمون ۾ افغانستان ۾ سياسي امن عمل جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڳ ئي افغان جنگ ۾ تمام گهڻو نقصان برداسٽ ڪيو، هاڻي پاڪستان هڪ ٻئي جنگ جو متحمل نٿو ٿي سگهي، وزيراعظم پنهنجي مضمون ۾ افغانستان ۾ امن عمل جي حمايت ڪندي چيو ته امريڪا ۽ پاڪستان جو افغانستان ۾ هڪ ئي هدف آهي،سياسي امن، جنهن لاءِ ڪوششون جاري رهنديون، ٻئي پاسي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن ڪشمير مسئلو حل ٿي ويو ته ايٽمي هٿيارن جي ضرورت نه رهندي، پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي مهذب ملڪ بڻجي رهي سگهندا، عمران خان چيو ته پاڪستان جا ايٽمي هٿيار اسان جي دفاع لاءِ آهن، ڀارت سان ٽي جنگون وڙهيون آهن، پر ايٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڇڪتاڻ ضررو ٿي آهي پر ٻنهي ملڪن ۾ جنگ ناهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔