خواجا آصف خلاف نيب ريفرنس تيار، منظوري لاءِ چيئرمين حوالي

لاهور: نيب لاهور خواجا آصف خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو، قومي احتساب بيورو (نيب) ليگي اڳواڻ جي خلاف ريفرنس حتمي منظوري لاءِ نيب چيئرمين ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب نيب طرفان اماڻيل ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته خواجا آصف تي مني لانڊرنگ، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي، نيب چيئرمين 4 سيپٽمبر 2018 تي خواجا آصف خلاف جاچ جي منظوري ڏني. ليگي اڳواڻ کي 29 ڊسمبر 2020ع تي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيس جي جاچ اڃا به جاري آهي. نيب ريفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خواجا آصف جڏهن 1991ع ۾ سينيٽر بڻيو ته ان وٽ 3 هزار مربع گز جو گهر هو. 1993ع ۾ ليگي اڳواڻ جا ڪل اثاثا 51 لک رپين جا هئا. 2018ع تائين خواجا آصف جا ڪل اثاثا 404 ملين رپين تائين پهچي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔