ڪراچي: سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، متحده لنڊن جا 2 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي: ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد چيو آهي ته سي ٽي ڊي طرفان ميرپور خاص ۾ آپريشن دوران متحده لنڊن جي ٻن دهشتگردن وجيهه ۽ عبدالنعيم کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيل ٻئي دهشتگرد ڀارت مان ٽريننگ ورتي هئي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته دهشتگردن کي اُٺ هلائڻ سوڌو هٿيارن جي منتقلي جي تربيت به ڏني وئي هئي، ٻئي دهشتگرد 2003ع ڀارت ويا هئا، انيس ايڊووڪيٽ ۽ واسع جليل تي ماڻهن کي ڀارت اُماڻڻ جي ذميواري ڏني وئي هئي، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي چيو ته جاچ دوران ڪجهه متحده ليڊرز جا نالا سامهون آيا هئا، فاروق ستار کان سوال جواب ڪيا ويا آهن، انيس ايڊووڪيٽ پرڏيهه نٿو وڃي سگهي، واسع جليل امريڪا ۾ رهي ٿو، کيس انٽرپول ذريعي ڏيهه واپس گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو آهي ته جوابدارن جي قبضي مان ايئرڪرافٽ گن، 131 رائوند، 3 رائف، هينڊ گرنيڊ، ايوان گولا ۽ پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي، ٻئي جوابدار ايم ڪيو ايم الطاف جا سينيئر ڪارڪن رهيا آهن، جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته 1998 کان 2002 تائين انيس ايڊووڪيٽ ۽ واسع جليل هڪ سسٽم متعارف ڪرايو جنهن سسٽم تحت سنڌ جي ٻين شهرن جي نوجوانن کي انڊيا جي ڳجهي ايجنسي را جي ٽريننگ ڏيڻو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔