آءِ ايم ايف لاءِ سموري قوم جو مستقبل گروي نٿا رکي سگهون: شاهه محمود قريشي

لاهور: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي لاءِ سموري قوم جو مستقبل گروي نٿا رکي سگهون. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. هن وقت اتي ڳالهين تي ڪوبه اتفاق نظر نه پيو اچي. طالبان سان لاڳاپا معطلي جو شڪار آهن جيڪا صورتحال پريشان ڪندڙ آهي. افغان اڳواڻ عبدالله عبدالله سان ترڪي ۾ خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون ان جي ڳالهين سان اسان جي ڳڻتي ۾ اضافو ٿيو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان اڳ ئي چئي چڪو آهي ته اسان امن جا ڀائيوار آهيون. امن جي لاءِ دنيا سان تعاون ڪنداسين. اسان ڪنهن  به ويڙهه جو حصو نه بڻجنداسين. قومن تي دٻاءُ ايندو آهي ۽ ان کي برداشت به ڪرڻ گهرجي. آمريڪا سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا پر اسان کي پاڪستان جي مفاد کي ڏسندي فيصلا ڪرڻا آهن. اسان هر ڀيري اهو چوندا رهيا آهيون ته پاڪستان هن جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن.  شاهه محمود قريشي چيو ته ماضي جي حڪومتن جي ڪارڪردگي سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو.

گذريل 10 سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ اسان کي آءِ ايم ايف طرف ڌڪڻ جا ذميوار آهن. ان جي ناقص منصوبه بندي ۽ ڪرپشن پاڪستان کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ اسان قدم کنيا آهن. اهو چوڻ ته آءِ ايم ايف جي چيل هر ڳالهه صحيح نٿي ٿي سگهي. اهو غلط آهي. اسان 3 سالن جي دوران ڪيترائي اهڙا قدم کنيا جيڪي آسان نه هئا. ان قدمن سبب عوام مٿان  وزن پيو آهي. پاڪستان کي پنهنجي معاشي ترقي کي اوليت ڏيڻي آهي بجيٽ سان سمورا طبقا مطمئن نظر اچي رهيا آهن. آءِ ايم ايف جي لاءِ ملڪ جي مستقبل کي گروي نٿا رکي سگهون.

پرڏيهي وزير چيو ته ايف اي ٽي ايف جو تحفو به اسان کي(ن) ليگ ڏئي وئي. تحريڪ انصاف اقتدار ۾ آئي ته پاڪستان گري لسٽ ۾ وڃي چڪو هو. اسان ايف اي ٽي ايف جون 27 شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن. هاڻ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکڻ جو ڪوبه جواز ناهي رهيو. قومن مٿان دٻاءُ ايندا آهن ۽ اسان کي هن دٻاءُ کي برداشت ڪرڻ گهرجي.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت کي والاريل ڪشمير بابت پنهنجن قدمن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن والاريل وادي جون حالتون صحيح آهن ته آل پارٽيز ڪانفرنس ڇو گهرائي وئي.؟ ڀارتي سرڪار کي چيلنج آهي ته جيڪڏهن هنن ۾ همت آهي ته هو 5 آگسٽ جي قدمن جي حوالي سان ڪشميرين جي راءِ وٺن. سموري دنيا ۾ ريفرنڊم ڪرائين ڇا ڪشميرين کي 5 آگسٽ وارا قدم قبول آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔