ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 27 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد:  ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 27 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جڏهن ته 663 نوان هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 39 هزار 017 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 663 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي. اهڙي طرح ڪورونا ڪيس هاڪاري اچڻ جي شرح 1.69 سيڪڙو رهي.

ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جي گڏيل هاڪاري ڪيسز جو انگ 949.838 ٿي ويو آهي جن مان 894.352 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 27 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون. اهڙي طرح ملڪ ۾ هينئر تائين هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل انگ 22 هزار 034 ٿي ويو آهي.

سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ فعال ڪيسز جو انگ 33 هزار 452 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔