ڪورونا وائرس: وڌيڪ 14 مريض فوت ۽ 517 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 14 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 5358 ٿي ويو آهي جڏهن ته 13243 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 517 نوان ڪيس سامهون آيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 14 مريض فوت ٿيا ۽ انگ وڌي 5358 تائين پهچي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته هن وقت 19250 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 18611 گهرن ۾، 30 آئسوليشن سينٽرن ۽ 609 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 558 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 50 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔