وزيراعظم جو بيان افسوسناڪ، ڪپڙن جو جنسي ڏاڍائي سان ڪو تعلق ناهي: بلاول

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزير اعظم عمران خان جي عورتن بابت بيان جي مذمت ڪئي. پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته وزيراعظم عمران خان جو بيان افسوسناڪ آهي. هن چيو ته ڪپڙن جو ريپ سان نه ئي جنسي ڏاڍائي سان ڪو تعلق آهي، جنهن زيادتي ڪئي يا ظلم ڪيو، قانون انهن لاءِ هڪجهڙو هجڻ گهرجي. بلاول چيو ته عمران خان جنهن عهدي تي ويٺو آهي اتي سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي، جڏهن ايئن ايئن ڳالهائيندو ته تاثر اهو ويندو ته جنهن سان ناانصافي ٿي آهي، ڏوهه ان جو آهي جڏهن ته جنهن ناانصافي ڪئي تنهن لاءِ توهان بهانو ڳولي رهيا آهيو. هن چيو ته توهان عمران خان جا بيان ڏسي سگهو ٿا اڳ ۽ هاڻي جڏهن هو اقتدار ۾ آيو آهي، هو پهرين ڏينهن کان بزدل آهي. عمران خان ڪڏهن به ڪنهن دهشتگرد کي دهشتگرد چوڻ لاءِ تيار نه هو ، عمران خان اي پي ايس حملي ۾ ملوث احسان الله احسان کي دهشتگرد چوڻ لاءِ تيار ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔