ايم پي اي صالح محمد شاهه جي ڀاءُ تي ٺڳيءَ جو ڪيس داخل

دادو: دادو اي ٿاڻي تي عدالت جي حڪم تي جوهي جي ايم پي اي سيد صالح محمد شاھ جي ڀاء احمد شاھ جيلاني تي ٺڳي ڪرڻ جي ايف آء آر داخل ڪئي وئي آهي. اي سيڪشن پوليس علي گوهر شاھاڻي جي فرياد تي 29 لک روپين جي ٺڳي جي ايف آء آر داخل ڪئي. فريادي علي گوهر شاهاڻي جو چوڻ هو ته جوهي جي ضمني چونڊ دوران احمد شاھ جيلاني 29 لک روپيا اوڌرا ورتا جيڪي گهرڻ باوجود واپس نه ڪيا ۽ جيڪو چيڪ ڏنو، ان اڪائونٽ ۾ پئسا ئي نه هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔