وزير اعظم جي هدايتن جي باوجود ايڊيشنل آء جي جميل احمد خلاف ڪارروائي نه ٿي

حيدرآباد: وزير اعظم جي هدايتن جي باوجود ايڊيشنل آء جي جميل احمد جي خلاف ڪارروائي نه ٿي، ڊاڪٽر جميل احمد مالي ۽ اخلاقي ڪرپشن جي الزامن باوجود بدستور پنهنجي ڊيوٽي تي موجود آهي. ايڊيشنل آء جي سرڪٽ هائوس به خالي نه ڪيو، هو 28 آگسٽ 2020 کان سرڪٽ هائوس تي قابض بڻيل آهي، ڊاڪٽر جميل احمد جي پٽن سرڪٽ هائوس جي ملازمن کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو به بڻايو هو، ايڊيشنل آء جي سرڪٽ هائوس جون رهتون به ادا نه ڪيون، سنگين الزامن جي باوجود سنڌ حڪومت ڊاڪٽر جميل کي عهدي تان نه هٽايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔