سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا فيسن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا پاران فيسن ۾ 6 هزار کان 20 هزار تائين واڌ ڪئي وئي آهي، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن فيسز ۾ اضافي کي رد ڪندي، احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. ميرٽ جي فيس ۾ 6 هزار، سيلف جي فيس ۾ 15 هزار ۽ اسپيشل سيلف ۾ 20 هزار تائين واڌ ڪئي وئي آهي، شاگردن جو چوڻ آهي ته ڏيڍ سال يونيورسٽي بند هئي ۽ ٽرانسپورٽ هلي نه لائيٽ استعمال ٿي، ان جي باوجود فيسن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي غلام محمد ڀٽو چيو آهي ته فيسن ۾ معمولي اضافو ڪيو آهي، پراڻي بيچز جي فيسن کي نئين بيچ جي فيس جي برابر ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔