ميڊيڪل رپورٽ ۾ عثمان ڪاڪڙ جو موت طبعي قرار

ڪراچي: جناح اسپتال ڪراچي ۾ پختونواه ملي عوامي پارٽي جي سينيئر اڳواڻ عثمان ڪاڪڙ جي ايم ايل رپورٽ تيار ڪئي وئي، جنهن ۾ هن جي موت کي طبعي قرار ڏنو ويو آهي، ايم ايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عثمان ڪاڪڙ جو لاڏاڻو برين هيمريج سان ٿيو، هن جي جسم تي تشدد جو ڪو به نشان نه آهي، جڏهن ته جسم جي مخلتف حصن تي سرجري يا ڪينولاز جا نشان آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪيميڪل ۽ پيٿالوجي رپورٽ اچڻ تي موت جو حتمي ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو، مڪمل پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ايندڙ هفتي تائين اچي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔