بليڪ ميلنگ جو شڪار عورت اهلڪار پوليس کان مايوس ٿي عدالت پهچي وئي

ڪوٽڙي: اعتراض جوڳيون وڊيوز رڪارڊ ڪري بليڪ ميل ٿيل ليڊي پوليس اهلڪار انيلا ٿيٻو ايس يس پي ڄامشورو کان نااميد ٿي انصاف لاء عدالت پهچي وئي. عورت اهلڪار انيلا ٿيٻو وڪيل ثمينا آرائين ۽ طاهره ناريجو جي معرفت ايف آءآر داخل ڪرائڻ لاء عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. ڄامشوري جي سيشن جج جي عدالت ۾ اي 22 جي درخواست جمع ڪرائي وئي. انيلا ٿيٻو درخواست ۾ چيو ته جوابدار احسان جتوئي ۽ سندس ٽن مامن نشو ڏئي زيادتي ڪري وڊيوز ڀري ٽن سالن تائين بليڪ ميل ڪري پئسا ورتا ۽ زيادتي ڪئي. ايس ايس پي ڄامشورو مان انصاف جي اميد ناهي، انڪوائري آفيسر آفيس ۾ تذليل ڪئي. اي آء جي آفيس جي ڊي ايس پي ريحانه لغاري آفيس سڏائي ٿڦڙون هنيون. وڪيل ثمينا آرائين چيو ته پوليس پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي اهلڪار جي جائز مدد ڪرڻ بدران مدد ڪرڻ بدارن جوابدار جي ونگاروهي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔