اي سي سي غربت گهٽائڻ لاءِ فنڊن جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : اقتصادي رابطا ڪميٽي غربت گهٽائڻ لاءِ فنڊن جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.
اي سي سي غربت گهٽائڻ لاءِ فنڊن جي فراهمي جي منظوري ڏني، بي آءِ ايس پي جي ڪيش امداد کي احساس ڪفالت پروگرام تحت ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ هائوسنگ وزارت جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 75 ملين جي فنڊنگ ۽ هائوسنگ وزارت لاءِ 43 ملين جي ٽيڪنيڪي سپليمينٽري گرانٽ جي منظوري ڏني وئي.
انفارميشن براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن لاءِ 17.63 ملين ۽ منشيات روڪ وزارت لاءِ 50 لک رپين جي ٽيڪنيڪي سپليمينٽري گرانٽ منظور ڪئي وئي.
سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي لاءِ 317 ملين جي ٽيڪنيڪي سپليمينٽري گرانٽ، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن لاءِ 54 ملين رپين جي سپليمينٽري گرانٽ ۽ نان گزيٽيڊ ملازمن جي گروپ انشورنس فنڊ لاءِ 3.36 اربن جي منظوري ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔