ڄامشورو: سنڌ حڪومت جي بجيٽ رد، رٽائرڊ ملازمن جو ڌرڻو

ڄامشورو: سنڌ حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ کي رٽائرڊ ملازمن رد ڪري ڇڏيو، رٽائرڊ ملازمن پنشن ۾ 10 سيڪڙو اضافي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو ۽ رٽائر ملازمن جي پنشن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪا ناانصافي آهي، هنن چيو ته مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، 10 سيڪڙو مان ڪوبه فائدو ناهي ٿيو، رٽائر ملازمن جي پنشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔