عوام جو کيسو خالي آهي ته بجيٽ جعلي آهي:شھباز شريف

اسلام آباد: عوام جو کيسو خالي آهي ته بجيٽ جعلي آهي، هي بجيٽ دوکو ۽ فراڊ آهي، اهڙي بجيٽ کي پاس ٿيڻ نه ڏينداسين، قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ 12 سئو ارب رُپين جو پيڪيج به ڪرپشن جي نذر ٿي ويو، ٽن سالن ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي، حڪومت طرفان لڳايل ٽئڪسز عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، حڪمران بجيٽ ذريعي مهانگائي جو هڪ ٻيو طوفان آڻيندا، حڪومت هوش کان ڪم وٺي، مامرن کي هينڊل ڪرڻ بدران اپوزيشن کان احتساب جي نالي تي انتقام ورتو پيو وڃي، موجوده حڪومت ۾ جيتريون وڇوٽيون صوبن وچ ۾ پيدا ٿيون، اُن جو مثال نه ٿو ملي، رڳو پنجاب جي ترقي سان پاڪستان اڳتي نه وڌندو، سمورن پِلرز کي گڏ کڻي هلايو ويندو آهي، هڪ صوبو پاڪستان کي کڻي ڪڏهن به اڳتي نه ٿو وڌي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔