ف ليگ جي جنرل سيڪريٽري سردار رحيم جو ڀاءُ سردار عزيز پيپلز پارٽي ۾ شامل

ڪراچي: ف ليگ جي جنرل سيڪريٽري سردار رحيم جو ڀاءُ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ سردار عزيز پيپلز پارٽي ۾ شامل، سردار عزيز طرفان ڪراچي ۾ صوبائي وزير سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان، سردار عزيز ڪياماڙي جي قومي تڪ تي پ پ اُميدوار قادر پٽيل خلاف پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي عام چونڊ وڙهيو هو، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي وفاق ۽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي، ڪراچي ۾ به ترقياتي ڪم ڪيا پيا وڃن، ججز جو احترام ڪريون ٿا، اسان ٻڌائينداسين ته حڪومت ڪٿي ڪٿي ڪم ڪيو آهي، سکر ۾ پريس ڪانفرنس دوران ناصر شاهه چيو آهي ته اسان سنڌ ڪارڊ جي ڳالهه نٿا ڪريون، پر ڪٽوتيون بند ڪيون وڃن، پاڻي، فنڊز ۽ بجيٽ ۾ ڪٽوتيون ڪيون ويون آهن، پي ٽي آءِ ون ٽائيم پارٽي آهي، اُها ماڻهن کي مامو بڻائي اقتدار ۾ آئي، هاڻي ماڻهو پي ٽي آءِ سان ڪاوڙجي پيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔