نيب ڪرپشن جا پوڻا 4 ڪروڙ سنڌ حڪومت کي واپس ڪرائي ڏنا

سکر: نيب سکر پاران خوراڪ ۽ ٻين کاتن ۾ ٿيل ڪرپشن جي 3 ڪروڙ 78 لک کان وڌيڪ رقم پلي بارگين ذريعي واپس ڪرائي سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏي آهي. نيب سکر جي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي سنڌ حڪومت جي خوراڪ کاتي ۽ ٻين کاتن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي وڌيڪ رقم پلي بارگين وسيلي واپس ڪرائي وئي آهي. واپس ڪرايل 3 ڪروڙ 78 لک 73 هزار 4 سئو 95 روپين جو چيڪ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته واپس ڪرايل ڪرپشن جي رقم خوراڪ کاتي ۽ ٻين سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ڪئي وئي هئي. نيب موجب نيب بنا فرق جي ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪم ڪري رهي آهي هو ڪنهن به ڪرپٽ کي نه ڇڏيندا جلد ڪرپشن ٿيل رقم واپس ڪرائي ذميوارن کي انجام تي پهچايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔