ڊپٽي اسپيڪر خلاف اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ واپس وٺڻ واري ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد: اپوزيشن پاران قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ واپس وٺڻ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ان جو سبب اپوزيشن جي جلدبازي ۽ غير سنجيدگي نڪتي. نواز ليگ ڊسڪه مان پنهنجي فوت ٿيل ميمبر افتخارالحسن شاهه جي صحي واري لسٽ عدم اعتماد تحريڪ سان جمع ڪرائي هئي. فوتي ميمبر جي صحي سان جمع ڪرايل تحريڪ قانوني طور تي پيش ٿيڻ کان اڳ ئي اسپيڪر آفيس رد ڪري ڇڏي ها، مرحوم افتخارالهسن جي سيٽ تان سندس ڌي نوشين افتخار ڪامياب ٿي هئي. عدم اعتماد جي تحريڪ جمع ڪرائڻ بعد نواز ليگ کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔