نسلا ٽاور ۽ الادين پارڪ جي شاپنگ سينٽر کي ڊاهڻ وارو تحريري حڪم نامو جاري

ڪراچي: عدالت نسلا ٽاور ۽ الادين پارڪ جي شاپنگ سينٽر کي ڊاهڻ وارو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. حڪم نامي ۾ لکيل آهي ته ڊي جي جي رپورٽ مطابق ، ڪي ڊي اي ، ضياءَ الدين اسپتال ۽ سائوٿ سٽي اسپتالون فلاحي پلاٽن تي قائم آهن. ٻنهي اسپتالن جي مالڪن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. عدالت چيو ته رفاهي پلاٽن تي خانگي اسپتالون ڪيئن هلايون پيون وڃن، ڇو نه انهن ٻنهي اسپتالن جي عمارتن کي ڊاٿو وڃي؟ رفاهي پلاٽن تي اڏيل سائوٿ سٽي اسپتال ۾ امير ترين ماڻهن جو علاج ٿئي ٿو. ڊي جي، ڪي ڊي اي کان بلاول هائوس جي سامهون 3 ڪام ، 4 ۽ 5 ڪام جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، عدالت چيو آهي ته هي ڪام پلاٽ ڪهڪشان اسڪيم ۾ ڪڏهن ۽ ڪنهن الاٽ ڪيا ۽ موجوده اسٽيٽس ڇا آهي؟ حڪم نامي ۾ پويلين ڪلب ۽ الادين پارڪ جي شاپنگ سينٽر کي داهڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني وئي آهي. پويلين ڪلب ۽ الادين پارڪ جي شاپنگ سينٽر کي مسمار ڪرڻ بابت ڪمشنر ڪراچي جي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ڪمشنر ڪراچي کي الادين پارڪ جي چارج سنڀالڻ جو حڪم ڏنو ويو، پارڪ نيلامي جو فيصلو به رد ڪري پارڪ کي اصل صورت ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ڪنهن به ڪمپني يا ماڻهو کي پارڪ جي ڪنهن حصي کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ناهي. عدالت اورنگي ۽ گجر نالا متاثرين جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کان پلان طلب ڪري ورتو. ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي پلان پيش ڪرڻ جو حڪم، آڪٽوبر 2023 تائين ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جي چئن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔