جن جي ملڪيتن جو نقصان ٿيو، انهن کان معافي وٺون ٿا پر باهه اسان نه لڳائي: سنڌ ايڪشن ڪميٽي

ڪراچي: سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سيد جلال محمود شاه, ڊاڪٽر قادر مگسي, سجاد چانڊيو, رياض چانڊيو ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسانجو احتجاج بحريا ٽائون آڏو هو, جڏھن ته سروس روڊ ۽ سمورا رستا بند ڪيا ويا, اسانجو پرامن احتجاج هو, جيڪو اسانجو حق آهي, بحريا ٽائون کي سپريم ڪورٽ 16800 ايڪڙ زمين ڏني, سنڌ سرڪار انهي جي ڊيمارڪيشن نه ڪرائي ته بحريا ٽائون اڳتي وڌي, جنهن جي خلاف پرامن احتجاج کي هٿ وٺي پر تشدد بڻايو ويو, شرارتي ماڻهن باه لڳائي. جلال محمود شاهه چيو ته جن اها باه لڳائي انهن کي پوليس وڃڻ ڏنو, اسان جو مقصد ڪنهن جي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ نه هو, انهي پر تشدد واقعي جي مذمت ڪريون ٿا, بحريا ٽائون واقعي ۾ سنڌ حڪومت به شامل هئي,حڪومت عوام کان معافي وٺي, 30 ڪيس داخل ڪري هزاين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو پ پ ۽ ايم ڪيو ايم هن شهر ۾ لساني فسادن جي ڪوشش ڪئي، سنڌ حڪومت چيو ته باه ايم ڪيو ايم ڏني ته پوء اسانجي خلاف ڪيس داخل ڇو ڪيا ويا؟ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جون زمينون لٽجڻ ڪونه ڏينداسين, ملير کانپوء اهي ڄامشوري ۽ ٺٽي ڏانهن وڌي رهيا آهن، چون ٿا ته سنڌ جا ماڻهو چريا آهن جيڪي ترقي جي مخالفت ڪن ٿا, جيئن ٻيٽن تي قبضي وقت انهن ڳاله پئي ڪئي, پ پ 35 سال سڌي ريت حڪومت ۾ رهي آهي, اڄ به لياري ۾ پاڻي ناهي ۽ ملير ۾ گڏھن تي پاڻي ڀرين ٿا, ٿر جي مائرن جي ڇاتين ۾ کير ناهي جيڪو ٻارن کي پيارين, هي ڪا ترقي ناهي. قادر مگسي چيو ته سازش تحت سنڌ جي اجتماعي شعور کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي, پر اسين ڊڄون نٿا, جن جي خانگي ملڪيت کي نقصان پهتو اسان انهن کان معافي وٺون ٿا پر اهي اسان ناهن جلايا. هن وڌيڪ چيو ته قانون ايڪشن ڪاميٽي جي خلاف حرڪت ۾ ايندو ته ڀلي اچي, ڪراچي نه اچڻ نه ڏيندو ته ڪا ڳاله ناهي, اسين 20 تاريخ کان 45 ڏينهن تائين سنڌ ۾ هر گهٽي ۾ وينداسين, ٺٽي کان شروعات ڪنداسين,. رياض چانڊئي چيو ته حڪومت شاهدين کي مٽائڻ چاهي ٿي, بحريا ٽائون جي سي سي ٽي وي فوٽيج منظر عام تي ناهي آندي وئي, چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ اهي ثبوت تحويل ۾ وٺي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔