قومي اسيمبلي جي 7 ميمبرز تي لڳل پابندي ختم

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ايوان ۾ هنگامو ڪندڙ 7 ميمبرز جي اسميبلي جي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي، ميڊيا رپورٽ موجب قومي اسيمبلي ميمبرز تان پابندي ختم ڪرڻ بابت سيڪيورٽي ادارن کي آگاهه ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب اسپيڪر اسد قيصر ميمبرن تان پابندي مامري کي سلجهائڻ ۽ ماحول کي خوشگوار رکڻ لاءِ ختم ڪئي، پابندي ختم ڪرڻ کانپوءِ پ پ جي آغا رفيع الله، ن ليگ جي شيخ روحيل اصغر، علي گوهر خان، چوڌري حامد حميد، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي علي نواز اعواڻ، عبدالمجيد خان ۽ فهيم خان کي هاڻي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت جي اجات هوندي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسپيڪر طرفان ميمبرن تي پابندي لڳائي وئي هئي، جنهن بعد اپوزيشن طرفان اسپيڪر کي خط لکي پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔