سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ ڪانٽريڪٽ آفيسرن کي بنا امتحان پڪو ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي:   سپريم ڪورٽ گريڊ 16 کان مٿي جي ڪانٽريڪٽ آفيسرن کي بنا پبلڪ سروس ڪميشن جي مستقل ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواستون ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي دليل طلب ڪري ورتا.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس قاضي محمد امين احمد تي ٻڌل 3 رڪني بينچ جي آڏو گريڊ 16 کان مٿي جي ڪانٽريڪٽ آفيسرن کي بنا پبلڪ سروس ڪميشن مستقل ڪرڻ جي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته حڪومت آفيسرن جي مقرري/مستقلي جي لاءِ ٻن ڌار طريقن تي عمل ڪري رهي آهي؟ جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته اهڙي طرح ته ڪنهن کي به آفيسر بنايو ويندو. بنا ڪميشن پاس آفيسرن کي ڪيئن پڪو ڪري سگهجي ٿو؟ حڪومت ڪيئن قانون کي باءِ پاس ڪري اهو قدم کڻي سگهي ٿي؟ هي پبلڪ سروس ڪميشن پاس آفيسرن سان امتيازي سلوڪ هوندو. اهڙي طرح ته امتحان پاس ڪرڻ جي اهل ۽ نااهل ٻئي هڪ جهڙا ٿي ويندا.

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ پنهنجي موقف ۾ خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سموري ملڪ جي سرڪاري آفيسرن ۾ خال پيد اٿي ويندو. سمورا صوبا ڪانيٽريڪٽ آفيسرن کي پبلڪ سروس ڪميشن کان  سواءِ پڪو ڪري رهيا آهن. اها پريڪٽس نه صرف سنڌ پر سمورن صوبن ۾ آهي. هن ڪيس کي اسلام آباد ۾ ٻڌو وڃي ۽ سمورن صوبن کان راءِ ورتي وڃي. هڪ اسپيشل ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا ميرٽ تي آفيسرن جي چونڊ ڪري.

جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته اوهان ڪميٽي جي بجاءِ ڪانٽريڪٽ آفيسرن کي پبلڪ سروس ڪميشن ڇو نٿا موڪليو؟ چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ۾ چيو ته بنا پبلڪ سروس ڪميشن جي ترقي ماڻيندڙ ڪيترا آفيسر آهن؟ ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته سنڌ ۾ گهٽ ۾  گهٽ 2 هزار آفيسر متاثر ٿيندا. عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواستون ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتيون ۽ سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي دليل طلب ڪري ورتا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔