اپوزيشن بي اعتمادي رٿ آڻڻ وارو حق ڀلي استعمال ڪري، مينڊيٽ موجب ڪم ڪندو رھندس:اسد قيصر

اسلام آباد : قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آھي تھ اپوزيشن بي اعتمادي رٿ آڻڻ وارو حق ڀلي استعمال ڪري، پر ايوان ۾ پارلياماني روايتن جو خيال رکيو وڃي منهنجي استعيفيٰ اپوزيشن جي خواهش آهي، اسيمبلي مون کي هائوس هلائڻ جو مينڊيت ڏنو آهي، پنهنجي مينڊيٽ موجب ڪم ڪندو رهندس، ماڻهن کي پارليامينٽ مان اُميدون هونديون آهن، حوڪمت کي وڌ کان وڌ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ايوان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اُهو جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي، پوري ڪوشش آهي ته ايوان رولز پٽاندڙ هلي، منهنجي طاقت سڀني جي اڳيان آهي، ڪنهن ميمبر کي اُٿاري هيڏي هوڏي اُڇلي نٿو سگهان، منهنجي صدارت هيٺ اجلاس دوران جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن تي ايڪشن کنيو، منهنجي ايوان مان وڃڻ بعد هنگامو ٿيو هو، اپوزيشن سان رابطن ۾ آهيان ۽ چاهيان ٿو ته سڀ گڏجي رولز موجب ايوان کي هلايون، حڪومت ۽ اپوزيشن کي هڪ پيج تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔