بحريا ٽائون ڪيس: جلال محمود شاھ ۽ قادر مگسي سوڌو 4 اڳواڻن جي ضمانت منظور

ڪراچي :دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بحريا ٽائون ڀڃ ڊاھ ڪيس تي ٻڌڻي ٿي، قومپرست اڳواڻ جلال محمود شاھ، قادر مگسي، ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو سميت 4 ڄڻا پيش ٿيا، عدالت جلال محمود شاھ، قادر مگسي ۽ ٻين جي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، عدالت اڳواڻن کي 25، 25 ھزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي، عدالت 26 جون تائين ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، جڏھن تھ واضع رھي تہ سنڌ ھاء ڪورٽ حيدرآباد ڄاڻايل اڳواڻن جي عبوري ضمانت منظور ڪئي ھئي. ٻئي پاسي ايس ٽي پي سربراھ قادر مگسي چيو آھي تھ امن امان لاءِ گرفتاريون آمرن جو بيانيو آهي، قومپرست ڪارڪن ڪهڙا راڪيٽ لانچر ۽ توپون کڻي گهمي رهيا آهن جو ڪارروائيون ڪيون وڃن ٿيون، راڪيٽ لانچر ته ڌاڙيل کڻي ويٺا آهن، اُتي وڃڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي، قومپرست ڪارڪن رڳو نعرا هڻندا آهن، نعرا ته جيل ۾ به لڳي سگهن ٿا، بحريه ٽائون نامنظور سڄي سنڌ جو نعرو بڻجي ويو آهي، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌي وسندين تي ناجائز قبضن خلاف بحريه ٽائون اڳيان پُرامن احتجاج ڪيو، دهشتگردي ٻين ڪئي، پوءِ به سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قيادت ۽ قومپرست ڪارڪنن خلاف ڪيسز داخل ڪيا ويا، پاڻ کي جمهوري سمجهندڙ پ پ حڪومت مارشل لائي دور جا ٽڪساٽ استعمال ڪري رهي آهي، اهڙن ٽڪساٽن سان سنڌ جي حقن لاءِ آواز کي دٻاءُ نٿو سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔